وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن

Nawaz-sharif--Visit-13-4-15

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ پوليو ٽيم تي حملي  جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادار امن جي بحالي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، پوليس اهلڪارن جي قرباني رائيگان نه ويندي.

هن چيو ته هو هٿياربندن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جو شريڪ آهي، امن دشمنن کي ڪنهن به ريت معاف نه ڪيو ويندو.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته دهشتگرد اهڙي قسم جي بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*