لاڙڪاڻي ۾ پيءُ هٿان پٽ جي مارجي وڃڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ پيءُ هٿان پٽ جي مارجي وڃڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار پاران بيان مٽائڻ کانپوءِ پوليس ٻارڙي کي ڪراچي مان جيئرو هٿ ڪري ورتو آهي.

ڀينس ڪالوني ۾ جوابدار فياض هليو پاران ناجائز ڄاڻائي ٻن ورهين جي پٽ شيزار کي اغوا بعد ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فياض هليو اڳ پنهنجي پٽ کي ناجائز ڄاڻائي قتل ڪرڻ جو بيان ڏنو هو پر جاچ دوران جوابدار پٽ جي جيئرو هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار جي اهڙي بيان بعد ٻارڙي شيراز هليو کي ڪراچي مان جيئرو هٿ ڪيو ويو ويو آهي.

واضح رهي ته جوابدار فياض هليو جي زال سعيده پاران مڙس تي پنهنجي معصوم ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو هو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*