لاڙڪاڻي ۾ طلاق ٿيڻ بعد ٻارڙن جي حوالگي واري معاملي تان جهيڙي کانپوءِ عورت جي فرياد تي پوليس سندس اڳوڻي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

larkana

لاڙڪاڻي ۾ طلاق ٿيڻ بعد ٻارڙن جي حوالگي واري معاملي تان  جهيڙي کانپوءِ عورت جي فرياد تي پوليس سندس اڳوڻي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 ڳريلو واسڻ عورت شاهدان بروهي طلاق واري معاملي تان سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تان واپس آئي پئي رستي “۾ سندس اڳوڻي مڙس کائس ٻارڙا کسڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران جيهڙو ٿي پيو.

جهيڙي بعد پوليس پهچي نوجوان عمر بروهي کي  گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد عورت جي فرياد تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو.

عورت شاهدان جو چوڻ هو ته هن ڪجهه وقت اڳ نوجوان عمر بروهي کان طلاق ورتي هئي ۽ هاڻي هو کائنس ٻار کسڻ چاهي ٿو.

عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڃا تائين عدالت ٻارڙا پيءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو آهي ۽ هو اڳ ئي مٿس تشدد ڪري ٻار کسڻ چاهي ٿو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوڙي ۾ طلاق ٿيڻ بعد معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، عورت جي فرياد تي نوجوان تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*