وفاقي گهرو وزارت، سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو

ayan-ali

وفاقي گهرو وزارت، سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل يادداشت نامي موجب سپريم ڪورٽ جي 13 اپريل 2016 واري حڪم بعد ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو آهي.

گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ايان علي اي سي ايل ۾ نالو 20 نومبر 2015 تي شامل ڪيو ويو هو پر سپريم ڪورٽ جي حڪمنامي جي ڪاپي ملڻ بعد ايان جو نالو ايگزڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪيو ويو.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 13 اپريل تي ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.

عدالتي حڪم بعد ايان علي دبئي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سندس نالو اي سي ايل ۾هئڻ ڪري ايئرپورٽ انتظاميه کيس وڃڻ نه ڏنو هو، جنهن بعد هن وفاقي گهرو وزارت خلاف توهين عدالت جي درخواست به داخل ڪرائي آهي، جنهن جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*