بالي ووڊ جي نئين فلم شيف ۾ اڪشي ڪمار بدران سيف علي خان شيف جو مک ڪردار نڀائيندو

saif-ali-khan_0_0_0_0_0_0_0_0

بالي ووڊ جي نئين فلم شيف ۾ اڪشي ڪمار بدران سيف علي خان شيف جو مک ڪردار نڀائيندو.

شيف 2014ع ۾ رليز ٿيل هالي ووڊ جي ساڳئي نالي واري فلم جو ريميڪ آهي، جنهن جي ڪاسٽ ۾ جون فيورو، رابرٽ ڊائوني جونيئر، سوفيا ورگارا، اسڪارليٽ جانسن ۽ ٻيا شامل هئا، فلم جو ڊائريڪٽر توڙي پروڊيوسر جون فيورو ئي هو.

شيف اهڙي پروفيشنل باورچي جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي تخليقي صلاحيتن تي سمجهوتو ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ ريسٽورنٽ جي نوڪري ڇڏي ڏئي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي دوستن ۽ پٽ سان گڏجي فوڊ ٽرڪ شروع ڪري ٿو.

ان کان اڳ اهي خبرون سامهون آيون هيون ته فلمساز وڪرم ملهوترا جي فلم “شيف” اڪشي ڪمار ڪم ڪندو ڇاڪاڻ ته هو حقيقي زندگي ۾ پروفيشنل شيف رهيو آهي پر خبرون اهي آهن ته فلم ايئرلفٽ جي ڪاميابي کانپوءِ اڪشي جا نخرا وڌي ويا آهن، جنهنڪري هاڻي سيف علي خان اهو ڪردار نڀائيندو.

بالي ووڊ فلم شيف جي اسڪرپٽ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ اهي خبرون آهن ته فلم هلندڙ سال سيپٽمبر تائين رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*