بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن پناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ حڪومت پاران کيس “ناقابل يقين ڀارت” جو برانڊ سفير مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ وارين خبرن جي ترديد

amitabh-bachean

بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن پناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ حڪومت پاران کيس “ناقابل يقين ڀارت” جو برانڊ سفير مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته کيس سفير مقرر ڪرڻ جي باضابطه دعوت ئي نه ملي هئي ته کيس هٽايو ڪيئن ويو؟

ڀارتي اخبار پاناما پيپرز ۾  اميتاڀ بچن کي چئن آف شور ڪمپنين جو ڊائريڪٽر ڄاڻايو هو، جيڪي 1993ع ۾ برطانيه جي ورجن آئلينڊ ۽ بهاماز ۾  رجسٽر هيون.

اهڙي انڪشاف کانپوءِ ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيون هيون ته وفاقي حڪومت اميتاڀ بچن کي “ناقابل يقين ڀارت” جو برانڊ سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو في الحال ٽاري ڇڏيو آهي.

اهڙين خبرن تي اميتاڀ بچن وضاحت ڪئي آهي ته کيس برانڊ سفير مقرر ڪرڻ جي دعوت ئي نه ملي هئي ته هٽائڻ  واريون ڳالهيون ڪٿان اچي ويون ۽ ميڊيا کي ان حوالي سان ڪو سوال پڇڻو آهي ته اهو حڪومت کان پڇي.

هن چيو ته هو پنهنجي پراڻي بيان تي قائم آهي ته آف شور ڪمپنين جي حوالي سان سندس ڪو تعلق نه هون ۽ ان معاملي ۾ سندس نالو غلط استعمال ٿيو آهي.

پاناما ليڪس ۾ 5 سئو ڀارتين جي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو هو، جن ۾ اڳوڻي سونهن راڻي ۽ اميتاڀ بچن جي ننهن ايشوريا راءِ بچن جو نالو به شامل هو پر ايشوريا جي ميڊيا مشير به انهن دستاويزن تي سوال اٿاريا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*