بالي ووڊ جي ٽريجڊي ڪنگ دليپ ڪمار جي حالت سڌرندڙ

dilipkumar

بالي ووڊ جي ٽريجڊي ڪنگ دليپ ڪمار جي حالت سڌرندڙ آهي، سندس زال سائره بانو چيو آهي ته کيس ڇنڇر ڏينهن اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.

دليپ ڪمار کي ٽي ڏينهن اڳ طبيعت خراب ٿيڻ سبب ممبئي جي ليلاوتي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن کيس نمونيا تشخيص ڪئي هئي.

 دليپ ڪمار جي گهر واري سائره بانو جو چوڻ هو ته دليپ صاحب جون طبي رپورٽون پازيٽو آهن، جنهن بعد کيس ٻن ڏينهن اندر ڊسچارج ڪيو ويندو پر ڊاڪٽرن گهڻن مهمانن جي عيادت لاءِ اچڻ کان روڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان دليپ صاحب کي انفيڪشن جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*