اداڪاره شگفته اعجاز ڪراچي ۾ بيوٽي پارلر تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اوصاف ٽالپر ۽ ٻين جي گرفتاري جو مطالبو

Nab-12-4-16

اداڪاره شگفته اعجاز ڪراچي ۾ بيوٽي پارلر تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اوصاف ٽالپر ۽ ٻين جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته کيس ڌماڪيو پيو وڃي ۽ سندس مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي به تياري ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ زيبا بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪاره شگفته اعجاز چيو ته گلستان جوهر ۾ سندس بيوٽي پارلر تي حملو ڪري ڪم ڪندڙ عورتن جي تذليل ڪئي وئي.

هن چيو ته جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران مٿس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ کيس مختلف طريقن سان ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

اداڪاره شگفته اعجاز وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏو وزير قائم علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته نيب آفيسر اوصاف ٽالپر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*