صوبائي حڪومت، خيبرپختونخواهه جي سرڪاري بينڪ پاران ناڻي واري صوبائي وزير سيد مظفر خلاف اشتهارن واري معاملي تي 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي

seyd-muzafir-shah

صوبائي حڪومت، خيبرپختونخواهه جي سرڪاري بينڪ پاران ناڻي واري صوبائي وزير سيد مظفر خلاف اشتهارن واري معاملي تي 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، بينڪ جي ايم ڊي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي.

ڪي پي ڪي جي سرڪاري بينڪ ناڻي واري صوبائي وزير سيد مظر خلاف مختلف اخبارن ۾ اشتهاري ڇپرائي مٿس ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ غير قانوني ڀرتين جو الزام مڙهيو هو.

ايم ڊي خيبربئنڪ شمس القيوم جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ڪميٽي ڌرين جا بيان قلمبند ڪري سڀاڻي وڏي وزير پرويز ختڪ کي رپورٽ پيش ڪندي.

واضح رهي ته سرڪاري بينڪ ناڻي واري صوبائي وزير تي ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جو الزام مڙهيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*