اهم معاملن تي مشاورت نه ڪرڻ تي مان پنهنجي راءِ رکان ٿو مخدوم امين فهيم

سروري جماعت جو اهم اجلاس اڄ هالا ۾ ٿي رهيو آهي، پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم چيو آهي ته اهم معاملن تي مشاورت نه ڪرڻ تي هو پنهنجي راءِ جو حق رکن ٿا، پارٽي وارا جيڪو ڪجهه ڪن پيا هو سندن وڙ آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه ڪن پيا اهو هنن جو وڙ آهي.

هالا ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ پارليمينٽيرنز جي صدر مخدوم امين فهيم چيو ته جماعت جي گادي نشينن جون گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون آهن، اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي  تيارين ۽ ووٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ بابت مشاورت ٿيندي.

هن چيو هنن رت ست ڏئي پارٽي کي ٺاهيو آهي، پارٽي جي قيادت پاران اهم معاملن تي مشاورت نه ڪرڻ تي هو پنهنجي راءَ جو حق رکن ٿا.

ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳوڻ خورشيد شاهه ۽ راجا پرويز اشرف آصف زرداري جو پيغام کڻي مخدوم امين فهيم جي رهائشگاهه تي پهتا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته هو مخدوم امين فهيم جي ناراضگي ختم نه ڪرائي سگهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*