صدر ممنون حسين چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون

صدر ممنون حسين، چيف اليڪشن ڪمشنر، جسٽس رٽائرد سردار رضا خان کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته آئيني فرض نڀائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪئي ويندي، اليڪشن ڪمشنر اداري لاءِ اهڙو ڪم ڪري، جنهن سان عوام کي عرصي تائين فائدو ٿئي.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر ممنون سان چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران صدر ممنون حسين جسٽس رٽائرڊ سردار رضا کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته غلطين کان پاڪ چونڊ نظام قوم جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪمشنر اداري لاءِ اهڙو ڪم ڪري، جنهن سان عوام کي عرصي تائين فائدو ٿئي.

هن چيو ته چونڊ سڌارا اهم معاملو آهي، جنهن تي جلد ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي، حڪومت آئيني فرض نڀائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪندي.

صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ تڪبنديون عوام جي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*