سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڳالهائڻ دوران متحده ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

qaim-ali-shah

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڳالهائڻ دوران  متحده ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته خيرپور ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي قيام سميت 2 بل منظور ڪيا ويا آهن.

سنڌ اسميبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي خيرپور ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي قيام وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ سنڌ ڪمپنيز پرافٽ ورڪرزپارٽيسيپيشن بل 2015 به منظور ڪيو ويو.

اجلاس دوران متحده جي ديوان چند چاولا جي سکر ۾ نساسڪ جي خراب ڪارڪردگي ۽ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته احتجاج ڪندڙ اداڪاري  پيا ڪن.

وڏي وزير جي اهڙي جملي تي متحده ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾  سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءَ وڏو وزير سوال جو مڪمل جواب ڏيڻ کانسواءِ ويهي رهيو.

سوالن جوابن جي وقفي دوران فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته درگاهن تي نذراني جي وڏي رقم جمع ٿئي ٿي۽  هڪ ماڻهو اچي اها رقم کڻي وڃي ٿو، خبر ناهي اها رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي.

راندين واري کاتي بابت سوالن جوابن واري وقفي دوران نواز ليگ جي اسماعيل راهو چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم  ۽ هاڪي ٽيم جي چونڊ دوران سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي رانديگرن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*