قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر الزمان چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي سان ملاقات ڪري ڪرپشن ڪيسز سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون

Supreme-Court-Nab

قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر الزمان چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي سان ملاقات ڪري ڪرپشن ڪيسز سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

نيب جي چيئرمين قمر الزمان چوڌري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات دوران ڪرپشن ڪيسز سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات کانپوءِ صحافين نيب چيئرمين الزامان چوڌري کان سوال ڪيو ته شريف ڀائرن خلاف هلندڙ ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟.

نيب چيئرمين صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ بدران جمعي نماز پڙهڻ جو چئي هليو ويو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*