بدنام ڏوهاري سلطو شر، شريف ڀنگوار، يعقوب تيغاڻي ۽ جيئند جاگيراڻي جهڙا ڏوهاري ڪشمور جي درياهي ٻيٽن ۾ لڪل آهن:ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ

DIG-Larkana-Abdullah-shaikh-min

ڊي آءِ جي  لاڙڪاڻو عبدالله شيخ چيو آهي ته بدنام ڏوهاري سلطو شر، شريف ڀنگوار، يعقوب تيغاڻي ۽ جيئند جاگيراڻي جهڙا ڏوهاري ڪشمور جي درياهي ٻيٽن ۾ لڪل آهن، جن خلاف فوج جي مدد سان آپريشن ڪيو ويندو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، ايس ايس پي ڪشمور عمر طفيل ۽ ايس ايس پي شڪارپور سان ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو علائقي جو دورو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي عبدالله شيخ چيو ته بدنام ڏوهاري سلطو شر، شريف ڀنگوار، يعقوب تيغاڻي ۽ جيئند جاگيراڻي جهڙا ڏوهاري ڪشمور جي درياهي ٻيٽن ۾ لڪل آهن، جن خلاف فوج جي مدد سان آپريشن ڪيو ويندو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جون پناهه گاهون ختم ڪيون ويون آهن، رهجي ويل ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، آخري ڏوهاري جي خاتمي تائين ڪچي ۾ آپريشن جاري رکيو ويندو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو وڌيڪ چيو ته ٺل مان اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪجهه وقت اندر فضيلا کي  بازياب ڪرايو ويندو.

ايس ايس پي شڪارپور عمر طفيل چيو ته ڪچي ۾ آپريشن دوران 5 لک انعام رکيل ڏوهاري مشڪي نندواڻي ۽ ميوو ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي شڪارپور جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار  وڏوهارين تي 30 کان وڌيڪ قتل، اغوا ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل آهن …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*