ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ رينجرز فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي ڇاپو هڻي ميٽرڪ انگلش جو حل ٿيل پيپر هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rengras

ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ رينجرز فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي ڇاپو هڻي ميٽرڪ انگلش جو حل ٿيل پيپر هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بلديا نمبر 3 ۾ جي ايس ٽي آهي ۽ فوٽو اسٽيٽ جو دڪان پڻ هلائيندو آهي.

رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بلديا نمبر ٽَي ۾ اينگلو اردو گورنمينٽ بوائز اسڪول ڀرسان فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي ڇاپو هڻي هڪ جوابدار محمد اشفاق ولد عبدالحڪيم کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان موجب جوابدار وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ڪري غير قانوني طريقي سان پئسا بڻائي رهيو هو، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار لاڳاپيل اسڪول ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر آهي ۽ فوٽو اسٽيٽ جو دڪان به هلائيندو آهي، جيڪو شاگردن کي 25 سئو کان 3 هزار رپين ۾ حل ٿيل پيپر جون ڪاپيون فراهم ڪندو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*