سنڌ اندر سج سوا نيزي تي اچي ويو، ڪراچي جي منگهي پير ۽ رنڇوڙ لائن ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

karachi hot weather

سنڌ اندر سج سوا نيزي تي اچي ويو، ڪراچي جي منگهي پير ۽ رنڇوڙ لائن ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن تائين گرميءَ جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

منگهي پير واري علائقي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 45 ورهين جو شرافت جوکيو فوت ٿي ويو، جيڪو رزاق آباد واري علائقي جو رهواسي هو.

رنڇوڙ لائين ۾ پڻ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جنهن جي هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ گرمي پد 36 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ٽن ڏينهن تائين گرمي پد 38کان 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي پڻ اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ گرمي جي وارننگ جاري ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت پاران ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن، جڏهن ته موسميات کاتي شهرين کي ضروري ڪم کانسواءِ ٻاهر نه نڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

انتظاميا موجب جناح اسپتال ۽ سول اسپتال سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي حوالي سان انتظام ڪري عملو مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*