ميهڙ ۾ 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل عورت کي پوليس ٻارڙن سميت بازياب ڪرائي ورتو

mehar-women

ميهڙ ۾ 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل عورت کي پوليس ٻارڙن سميت بازياب ڪرائي ورتو، عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار کيس اغوا ڪري شادي لاءِ مجبور ڪيو ۽ مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

منان ڪالوني مان اغوا ڪيل عورت عابده سولنگي کي پوليس انڊس هاءِ وي وٽ ڪارروائي ڪري معصوم ٻارڙن يوسف ۽ يونس سميت بازياب ڪرائي ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد عورت کي ٻارڙن سميت انڊس هاءِ وٽ هڪ هنڌ ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

بازياب ڪرايل عورت عابده سولنگي جو چوڻ هو ته جوابدارن امتياز پنهنجي ساٿين سميت کيس ٻارڙن سان گڏ اغوا ڪري باندي بڻائي رکيو هو.

هن چيو ته جوابدار امتياز کيس شادي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ معصوم ٻارڙن کي به قتل ڪر ڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو هو.

عورت وڌيڪ چيو ته شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار کيس باندي بڻائي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*