آرمي چيف پاران ڪرپشن جي الزام هيٺ فوجي عملدارن کي برطرف ڪرڻ واري قدم کي سنڌ جي عوام پاران ڀرپور موٽ ملي آهي، سکر ۽ دادو ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون

dadu-pak-foj-suport-rally

آرمي چيف پاران ڪرپشن جي الزام هيٺ فوجي عملدارن کي برطرف ڪرڻ واري قدم کي سنڌ جي عوام پاران ڀرپور موٽ ملي آهي، سکر ۽ دادو ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون.

سکر ۾ شهرين  اشفاق ڀٽي، عمران شاهه، صلاح الدين جي اڳوڻي ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي شهر جي روڊن رستن جو گشت ڪيو ويو.

دادو ۾  اين پي سي آءِ ايڇ جي سڏ تي پاڪ فوج جي حمايت ۽ ڪرپشن خلاف  غلام علي ملاح، شاهه نواز پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.

اڳواڻن چيو ته آرمي چيف پنهنجي اسٽاد ۾ شامل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪ ۾ احتساب جي شروعات ڪئي آهي.

اڳواڻن چيو ته پوري ملڪ جي عوام آرمي چيف جرنل راحيل شريف سان گڏ آهي،  ڪرپشن جو خاتمو آڻي ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*