ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن پاران لينڊ ڊيپارٽمينٽ جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو فيصلو

KMC

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن پاران لينڊ ڊيپارٽمينٽ جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي لئيق احمد جي سربراهيءَ هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لينڊ ڊيپارٽمينٽ جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته روزانو هڪ سئو فائيل آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ ذريعي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيا ويندا ۽ لينڊ ڊيپارٽمينٽ جو عملو حد دخلين جي حوالي سان روزانو شهر جو دورو ڪندو.

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي لئيق احمد لينڊ ڊيپارٽمينٽ ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن کي فارغ ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*