نساسڪ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ انتظاميه ۾ اختلاف وڌي وڃڻ واري معاملي جي جائزي بابت اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو

سکر ۾ نساسڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ پراجيڪٽ  ڊائريڪٽر وچ ۾  اختلافن واري معاملي تي بورڊ جي اعليٰ عملدارن جو اجلاس ٿيو، ايم ڊي نساسڪ عبدالمجيد پٺاڻ جو چوڻ آهي ته استعفائن واري معمالي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نساسڪ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ انتظاميه ۾ اختلاف وڌي وڃڻ واري معاملي جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن دوران استعيفائن واري معاملي ۽ نساسڪ جي ڪارڪردگي بابت غور ويچار ڪيو ويو.

نساسڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ پراجيڪٽ  ڊائريڪٽر وچ  ۾  اختلافن سبب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين عبدالجبار ميمڻ، نساسڪ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڪمپني جي آڊٽ چيئرمين، ڊائريڪٽر  عثمان غني کتري، ڊائريڪٽر زينت عيساڻي ۽ ڊائريڪٽر شارمين هدايت الله پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ۽ لکت ۾ ڪمپني جي سيڪريٽري کي اماڻي ڇڏيون هيون.

استعيفائن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر  اسڪپ طور مقرر عبدالمجيد پٺاڻ هو، جنهن کي هو نساسڪ جي ايم ڊي طور قبول نه ڪندا.

استعيفائن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پي ڊي اسڪپ جي  نساسڪ بورڊ جي ايم ڊي طور مقرري سان سموري ڪارڪردگي جي مانيٽرنگ ڪيئن ۽ ڪير ڪندو، جنهن ڪري مقرري روڪي وڃي.

بورڊ جي اڳ  ٿيندڙ اجلاسن ۾ طئي ڪيو ويو هو ته ڪنهن به پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اسڪپ کي نساسڪ جو ايم ڊي مقرر نه ڪيو ويندو.

ايم ڊي نساسڪ عبدالمجيد پٺاڻ چيو آهي ته سندس هٿ صاف آهن، نساسڪ جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته استعيفائون جي منظوري سرڪار جي اختيارن ۾ آهي، ڊائريڪٽرز پاران ڏنل استعيفائن جا ڪارڻ معملوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ٻئي پاسي انتظاميه ۽ نساسڪ ۾ هلندڙ اختلافن سبب سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، شڪارپور ۽ روهڙي شهرن جي صفائي، ڊرينيج، واٽر سپلاءِ جو سڄو نظام ڊانواڊول  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*