نوشهروفيروز ۾ ارڙي وگهي ڀاءُ ڀيڻ سميت ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا

nuoshoro-firoz-child

نوشهروفيروز  ۾ ارڙي وگهي ڀاءُ ڀيڻ سميت ٽي ٻارڙا  فوت ٿي ويا، ساڳي ئي ڳوٺ جي وڌيڪ 11 ٻارڙن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ڪيو ويو آهي.

 ڳوٺ ننگر چانڊيو ۾ 6 سالن جي ماريا ڌي محمد علي، 5 سالن جو جنيد پٽ ارباب  ۽ سندس ڀيڻ  ٽن ورهين جي ماروي ڌي ارباب ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ساڳي ئي ڳوٺ جي وڌيڪ11 ٻارڙن کي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾داخل ڪيو ويو آهي.

 اسپتال ۾ داخل ڪيل ٻارڙن ۾7 سالن جو ثاقب علي، ٻن سالن جو صوبدار، ٽن سالن جي عروج، 3 سالن جو سهيل، 4 سالي جي راحيلا، 5 سالن جي ماروي، 6 سالن  شهزانا، 6 سالن جي بادشاهزادي، 5 سالن جي تمنا، ٽي سالن جو ارسالن ۽ 5 سالن جو شهمير شامل آهن.

ٻئي طرف  ڊي ايڇ او عبدالوهاب وڌو ضلع  ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن تعلقي اسپتالن ۾ ارڙي جا خصوصي وارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته متاثر  ٻارڙن جي ڳوٺ ڏانهن ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وئي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*