فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر گياني انفانٽينو قطر ۾ رٿيل 2020جي عالمي فٽبال لاءِ گرائونڊز جي تيارين واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِآزاد ڪميٽي جوڙڻ تي زور ڀريو

FIFA-footballفٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر گياني انفانٽينو قطر ۾ رٿيل 2020جي عالمي فٽبال لاءِ گرائونڊز جي تيارين واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِآزاد ڪميٽي جوڙڻ تي زور ڀريو آهي.

فيفا جو صدر قطر جي دوري تي پهتو آهي، جتي هن مختلف گرائونڊز جي جاري ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو.

فيفا جي صدر کي ان موقعي تي ملڪ ۾ جاري مختلف اسٽيڊيمز جي جاري ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيفا جي صدر جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته قطر جي حڪومت ملڪ ۾ جلد گرائونڊز جوڪم مڪمل ڪندي.

هن چيو ته قطر ۾ انساني حقن جا حوالي سان ڪيترائي خدشه ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن تحت گذريل مهيني کان قطر ۾ جبري طور مزدورن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته فيفا پاران جلد هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي.

ان موقعي تي فيفا جي صدر هڪ اسٽيڊيم ۾ جاري فٽبال ميچ ڏٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*