ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي 16هين ميچ ۾ رائل چيليجرز بينگلور جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

IPL

ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي 16هين ميچ ۾ رائل چيليجرز بينگلور جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

ڀارتي شهر پوني ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

رائل چيلنجرز بينگلور جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 185رنز اسڪورڪيون، جنهن ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي 80 ۽ايب ڊي ويليئرز 83رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم پاران ٿسارا پريرا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم مخالف ٽيم پاران گهربل 186رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون،پر ان ۾ هو ناڪام رهيا.

مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 172رنز اسڪور ڪري سگهي ۽اهڙي طرح کين 13رنز تان شڪست نصيب ٿي.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم پاران رهاني 60، مهيندر سنگهه ڌوني 41، تسارا پريرا 34۽ڀاٽيا 21رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

رائل چيلينجرز بينگلور جي ٽيم پاران رچرڊسن 3، شين واٽسن ٻه، جڏهن ته پاٽيل ۽شمسي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ايب ڊي ويليئرز کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*