پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور جو چوڻ آهي ته قومي ٽِيم جا رانديگر دٻاءِ هيٺ سٺي ڪرڪيٽ نٿا کيڏي سنگهن

crent-flower

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور جو چوڻ آهي ته قومي ٽِيم جا رانديگر دٻاءِ هيٺ سٺي ڪرڪيٽ نٿا کيڏي سنگهن، جنهن سبب هو انهن جي ڪارڪردگي مان مطئمن نه آهي.

ميڊِيا سان ڳالهائيندي گرانٽ فلاور چيو ته هو گرين شرٽس جي رانديگرن جي ڪارڪردگي مان گهڻو مايوس ٿيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ آسان نه آهي، جنهن سبب ان کي چيلنج سمجهي قبول ڪيو هو.

گرانٽ فلاور جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ٽيم ۽ مصباح الحق سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ٽيم کي ساڻ وٺي هلندو آهي.

سندس چوڻ هو ته مصباح الحق سخت محنت ڪندڙ ڪرڪيٽر آهي، جنهن کي نوجوان هڪ مثال سمجهي ان جي نقش قدم تي هلڻ کپي.

قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ جو چوڻ آهي ته هو ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ٽِيم جي ڪارڪردگي مان گهڻو مايوس ٿيو آهي، جنهن سبب هو پريشان آهي.

گرانٽ فلاور چيو ته بيٽسمينن سان ڪم ڪرڻ گهڻُو مشڪل رهيو ۽ گرائونڊ ۾ کين وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته هو سرفراز احمد جي ڪارڪردگي مان گهڻو متاثر ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل بهتر پرفارمنس جومظآهرو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته احمد شهزاد ۽عمر اڪمل کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انهن پنهنجي ٽئلنٽ سان انصاف نه ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*