ڪراچي جي جمشيد ڪواٽر واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو

karachi-police

ڪراچي جي جمشيد ڪواٽر  واري علائقي  ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ٻن ڀائرن  کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي خلاف وارثن احتجاج ڪندي  انصاف جو مطالبو  ڪيو آهي .

جمشيد ڪواٽر واري علائقي ۾  ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ  مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو  .

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهن، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

هوڏانهن پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻن ڀائرن جي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندن نوجوانن کي بنا ڏوهه  گرفتار ڪري  تشدد جو نشانو  بڻايو.

وارثن موجب پوليس  ٻنهي ڀائرن جي آزادي لاءِ 3 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، نه ڏيڻ تي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏني  آهي.

 وارثن پوليس جي زيادتي خلاف احتجاج ڪندي  اعلي اختيارين  کان نوٽيس وٺي نوجوانن جي زندگي بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي  ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*