چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ موت جي سزا تي عملدرآمد بابت اهم اجلاس جاري اهم معاملن تي غور

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ موت جي سزا تي عملدرآمد بابت اهم اجلاس  جاري آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا ڪيس تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ سميت اهم معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت چئني صوبن جي هائي ڪورٽس جا سربراهه ۽ وفاقي شرعي عدالت جو چيف جسٽس شريڪ آهن.

اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن جا انچارج ججز پڻ  شريڪ آهن ، اجلاس ۾ دهشتگردي جا ڪيس تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

چيف جسٽس جي هدايت کانپوءِ چئني صوبن جي هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز، دهشتگردي واري ڪيسن جا تفصيل پڻ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن موجب، پنجاب ۾ 6 هزار 2 سئو 24، سنڌ ۾ 3 سئو 55،خيبرپختونخواهه ۾ هڪ سئو 83، بلوچستان ۾ 79  ۽ گلگت ۾ 15 موت جي سزا ٻڌايل قيدي آهن.

ذريعن موجب، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ موت جي سزا بابت 4 هزار 9 سئو 81 درخواستون رولڙي ۾ آهن، جڏهن ته وفاقي شرعي عدالت ۾ 15، سپريم ڪورٽ ۾ 8 سئو 93، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2 سئو 26 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هڪ سئو درخواستون التويٰ هيٺ پيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*