سنڌ ۾ کربين رپين جي ڦر لٽ ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن:ذوالفقار مرزا

zulfqar-mirza

اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ ۾ کربين رپين جي ڦر لٽ  ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن .

اي ٽي سي ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران هنگامي واري ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته متحده سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي بهترين ميئر قرار ڏيڻ سان گڏ کيس پنهنجو پٽ چوندو هو ۽ اڄ اهو ئي پٽ سندس خلاف ڳالهائي رهيو آهي.

هن چيو ته پاناليڪس جي آڙ ۾ نواز شريف ۽ سندس ساٿين کي رڳڙو ڏيڻ درست نه آهي.

ذوالفقار مرزا چيوته سنڌ ۾ کربين رپين جي ڦر لٽ ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن.

ذوالفقار مرزا چيو ته مصطفيٰ ڪمال بابت ڪجهه سوال ذهن ۾ آهن، جن جو جواب ملڻ بعد ٿي سگهي ٿو سنڌ جا ماڻهو ان ڏانهن هٿ وڌائن.

ذوالفقار مرزا چيو قادر پٽيل جو واپس اچڻ سٺو قدم آهي ۽ قادر پٽيل هر شيءِ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سان سچ ۽ ڪوڙ جو پتو پئجي ويندو.

ان کان اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جي غير حاضري سبب ڪارروائي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*