خيرپور ناٿن شاهه ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف قوم پرست تنظيمن ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

kn-shah-

خيرپور ناٿن شاهه ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف قوم پرست تنظيمن ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

قوم پرست تنظيمن ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، آبادگار اسوسيئيشن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فوڊ انسپيڪٽرز  پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن جو چوڻ هو ته بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته آباداگار  بارداڻو نه ملڻ ڪري سخت پريشان آهن ۽ گهٽ اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.

 هنن دانهيندي چيو ته گھٽ اگهھ ملڻ جي ڪري هنن کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي آبادگارن کي بارداڻو مهيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*