ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رينجرز پاران پوليس حوالي ڪيل فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي 3 عملدارن کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

atc17

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رينجرز پاران پوليس حوالي ڪيل فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي 3 عملدارن  کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري جي الزام هيٺ گرفتار 3 جوابدارن حنان، اشرف ۽ نديم کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ڊاڪس پوليس فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ٽن عملدارن سعيد بلوچ، مهر بخش ۽ دلمراد کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي درخواست تي ٽنهي جوابدارن کي 7ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز گذريل رات ٽنهي عملدارن کي 90 ڏينهن جي رمانڊ بعد پوليس حوالي ڪيو هو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري جي الزام هيٺ گرفتار 3 جوابدارن حنان، اشرف ۽ نديم کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*