هڱورجا ۾ ڳوٺاڻن صحت کاتي جي عملدارن پاران مڇر دانيون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

hungrija-protest

هڱورجا ۾ ڳوٺاڻن صحت کاتي جي عملدارن پاران مڇر دانيون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ ملهيراڻي جي رهواسين مڇرن کان بچاءِ لاءِ مڇر دانيون  نه ملڻ خلاف مجاهد سولنگي ،رسول بخش سولنگي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳوٺاڻن چيو  ته مليريا ڪنٽرول پروگرام جو انچارج مڇردانيون غريب ماڻهن کي ڏيڻ بدران بااثرن جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته صحت پاران ڳوٺاڻن لاءِ مفت مليل مڇر دانيون عملدار وڪري رهيا آهن، پر اعليٰ اختيارن تحرڪ نه وروت آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مليريا ڪنٽرول پروگرام جي انچارج خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن جو انصاف ڪيو  وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*