سرگوڌا جي اسپتال ۾ زبردستي ايمرجنسي سروس بند ڪرائڻ تان ڊاڪٽرز جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو

sargoda-calish

سرگوڌا جي اسپتال ۾ زبردستي ايمرجنسي سروس بند ڪرائڻ تان ڊاڪٽرز جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو، ايمرجنسي سروس بند ٿيڻ ڪري علاج لاءِ آندل 2 مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، واقعي خلاف لاهور جي جناح اسپتال ۾ پڻ ڊاڪٽرز ايمرجنسي بند ڪري ڇڏي.

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي سروس بند ڪرائڻ تان ينگ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ سينيئر ڊاڪٽرز وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو.

ايمرجنسي سروس بند ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ علاج لاءِ آندل 2 مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا.

سرگوڌا ۾ ڊاڪٽرز جي جهيڙي واري واقعي خلاف لاهور جي جناح اسپتال ۾ پڻ ايمرجنسي سروس بند ڪئي وئي، جنهن سبب مريضن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*