بونير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خاص معاون سورن سنگهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون

parvez khatak

بونير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خاص معاون سورن سنگهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، پوليس سورن سنگهه جي قتل جي الزام هيٺ 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي اقليتي ايم پي اي سورن سنگهه جون آخري رسمون بونير ۾ ادا ڪيون ويون، جن ۾ خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

سورن سنگهه گذريل ڏينهن بونير ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.

پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري سورن سنگهه تي حملي جي الزام هيٺ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*