ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگي خلاف ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو

karachi-mqm-dharna

ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگي خلاف ايم ڪيو ايم  پاران  ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڪنور نويد جميل ۽ محمد حسين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ڪارڪنن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ نامعلوم نمبرن تان ڪال ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون.

متحده جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ۽ گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*