ميرپور ماٿيلي ۾ واپارين بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

mirpur-mathilo

ميرپور ماٿيلي ۾ واپارين بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته واپاري فوڊ عملدارن کان خريد ڪيل بارداڻي ۾ ڪڻڪ ڀري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن.

ميرپورماٿيلي ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگارن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جي ڊي ايف او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته خوراڪ کاتي جا عملدار بارداڻو آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين کي وڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي آبادگارن کي نقصان رسيو آهي.

هنن چيو ته فوڊ عملدارن کان خريد  ڪيل باراڻي ۾ واپاري ڪڻڪ ڀري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن،پر معاملي جو اعليٰ اختيارن نوٽيس نه ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*