چونڊيل نمائندن جي اثاثن بابت عوام جو حق آهي، پاڪستان ترقي ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون:اسحاق ڊار

isaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊيل نمائندن جي اثاثن بابت عوام جو حق آهي، پاڪستان ترقي ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون، هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران معيشت تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ پري بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ بدعنواني جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آپريشن ضرب عضب سبب لڏپلاڻ ڪندڙن تي 230 اارب رپيا خرچ ڪيا ويا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ روشنيون بحال ڪرڻ حڪومت جو تاريخي قدم آهي، چونڊيل نمائندن جي اثاثن بابت ڄاڻڻ عوام جو حق آهي، جڏهن به پاڪستان ترقي ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون.

هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اقتصادي پاليسي هڪ کليل ڪتاب آهي، پهريان حڪومتون معاشي سڌارن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏينديون هيون پر هــُنن معاشي سڌارا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته هلندڙ مالي سال 3100 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ 100 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي.

ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جمهوري حڪومت  سڀ کان پهريان توانائي بحران جي خاتمي تي ڌيان ڏنو، بهتر صورتحال سبب پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري اچي رهي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته دنيا 2012ع جي آخر ۾ پاڪستان سان ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو هو، هاڻي دنيا جا 22 قابل اعتماد ادارا پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري چڪا آهن.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ملڪي معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، چين پاڪستان اندر 46 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*