عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، وزيراعظم نواز شريف پاران پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪرڻ واري اعلان جي آجيان

nawan mahmood

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، وزيراعظم نواز شريف پاران پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وزيراعظم جي استعيفيٰ وارو مطالبو غير آئيني آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ اسفند يار ولي چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت موجود آهن ته عدالتي ڪميشن آڏو پيش ڪيا وڃن.

هـُن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻ کي جڊيشل ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ لاءِ وِک وڌائي، ان سان سٺو مثال قائم ٿيندو.

اسفند يار ولي چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم نواز شريف پاران پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪرڻ وارو اعلان سٺو عمل آهي.

اسفند يار ولي وڌيڪ چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي عدالتي ڪميشن پاران جاچ مڪمل ڪرڻ تائين وزيراعظم کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ غير آئيني آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*