اپوزيشن ٽي او آرز پڙهڻ کانسواءِ جوڊيشل ڪميشن جي تنقيد ڪري رهي آهي، ڪميشن کي سمورا اختيار ڏنا ويا آهن:پرويز رشيد

parvez-rashid

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ٽي او آرز پڙهڻ کانسواءِ جوڊيشل ڪميشن جي تنقيد ڪري رهي آهي، ڪميشن کي سمورا اختيار ڏنا ويا آهن، ڪنهن به ٽئڪس ماهر يا فرانزڪ ماهر کي گهرائي جاچ ڪري سگهي ٿي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته کيس يقين آهي ته عمران خان سميت ڪنهن به جماعت ٽي او آرز نه پڙهيو آهي، اپوزيشن ٻڌائي ته ڪهڙو نقطو ٽي او آرز ۾ شامل نه آهي.

هن چيو ته خط ۾ مني لانڊرنگ ۽ آف شور ڪمپنين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس کي خط لکڻ کان اڳ سمورين جماعتن سان رابطا ڪيا ويا.

پرويز رشيد چيو ته اپوزيشن پارٽين کي پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪرائڻي ئي نه آهي، تنهن ڪري “مان نه مڃان” واري سياست ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*