پشاور، چترال ۽ لوئر دير سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

Earthquake-news-pakistan-25

پشاور، چترال ۽ لوئر دير سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن،  جنهن سبب ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

پشاور، چترال، لوئر دير، مانسهره، سوات، صوابي، مالاڪنڊ ايجنسي، شانگله  ۾ زلزلي جا زوردار لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسي خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيب جو ورد ڪندا رهيا.

زلزلو ماپيندڙ اداري جو چوڻ آهي ته ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي اونهائي 116 ڪلو ميٽر هئي.

موسميات کاتي موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان-تاجڪستان سرحدي علائقو هو، زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع نه مليو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*