ملتان جي ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي ويا

Multan-College-15-1

ملتان جي ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي ويا، باهه تي دير سان ضابطو آڻڻ تي دڪاندارن پاران فائر برگيڊ عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملتان جي ٽمبر مارڪيٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي دڪانن کي وڪوڙي وئي.

باهه وسائڻ لاءِ دڪاندارن پاران فائربرگيڊ عملي کي طلب ڪيو ويو، جنهن باهه تي فوري طور ضابطو نه آندو، جنهن سبب ڪيترائي دڪان سڙي ويا.

باهه تي دير سان ضابطو اچڻ ۽ لکين رپين جو نقصان ٿيڻ تي دڪاندارن پاران انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دڪاندارن چيو ته سندن نقصان انتظاميا جي لاپرواهي سبب ٿيو آهي، فوري طور نقصان جو ازالو ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*