پشاور جي گلبهار واري علائقي ۾ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

Peshawar Police

پشاور جي گلبهار واري علائقي ۾ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ٻن افغانين سميت 33 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن وٽان هٿيار  به هٿ ڪيا ويا آهن.

پشاور جي گلبهار نمبر 2 واري علائقي ۾ هڪ گاڏي تي موترسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند فائرنگ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هوڏانهن پشاور جي پهاڙي پوره ۽ فقير آباد وارن علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران اهلڪارن پاران هڪ سئو 80 گهرن جي تلاشي ورتي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 33 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن ۾ 2 افغاني به شامل آهن.

پوليس موجب سرچ آپريشن ۾ 6 ٽي ٽي پسٽل ۽ هڪ شارٽ مشين گن سميت ٻيا هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*