مني لانڊرنگ، زمينن تي قبضي ۽ غير قانوني الاٽمينٽ سميت ٻين الزامن هيٺ ڊاڪٽر عاصم ۽ سندس ساٿين خلاف اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

dr-asam-

مني لانڊرنگ، زمينن تي قبضي ۽ غير قانوني الاٽمينٽ سميت ٻين الزامن هيٺ ڊاڪٽر عاصم ۽ سندس ساٿين خلاف اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪراچي جي احتساب عدالت سرڪاري وڪيل جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم پاران گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ، زمينن تي قبضي، غير قانوني الاٽمينٽ ۽ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو بحران پيدا ڪري قومي ناڻي کي 462 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب جو ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل پيش نه ٿيو.

ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني مان کيس دستاويزن تي صحيحون ڪرائڻيون آهن، جنهن لاءِ کيس اجازت ڏني وڃي.

سرڪاري وڪيل جي غير موجودگي سبب عدالت هڪ جوابدار اطهر حسين کي ريفرنس جا نقل ڏيندي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*