قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار رئيس ماما کي ڪراچي منتقل

karachi-rangers

قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار رئيس ماما کي ڪراچي منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته بلديه اتحادٽائون ۾ پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٽارگيٽ ڪلر وسيم عرف ملا کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جوابدار رئيس ماما کي دبئي کان ڪراچي منتقل ڪيو آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس موجب بلديه اتحاد ٽائون ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران  ٽارگيٽ ڪلر وسيم عرف ملا کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي، جنهن  جي قبضي مان بال بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

عزيز  آباد جي علائقي گلشن شميم ۾ ڦر دوران شهرين هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري  تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ کيس رينجرز حوالي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*