وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور دعوت ڏني وئي آهي، وزيراعظم نواز شريف اڄ قوم کي پڻ خطاب ڪندو.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس يارهين وڳي ٿيندو.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، شاهه محمود قريشي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شيرپائو، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

 وزيراعظم طرفان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر کي به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور دعوت ڏني وئي آهي.

پارلياماني پارٽيز جي اجلاس دوران دهشتگردي خلاف ايڪشن پلان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون وينديون، جنهن تي مشاورت ۽ بحث ڪرايو ويندو.

اجلاس دوران ايڪشن پلان ڪميشن جي سفارشن جي منظوري ورتي ويندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي سمورين جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

اجلاس کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف قوم کي خطاب پڻ ڪندو، جنهن لاءِ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*