ڇاڇري ۾ انتظاميه عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪلينڪس سيل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Chachro.8

ڇاڇري ۾ انتظاميه عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪلينڪس سيل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

مختيارڪار مظفر ڇڄڙو شهر جي مختلف علائقن ۾ نجي ڪلينڪس تي اوچتا ڇاپا هنيا، جنهن دوران عطائي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

مختيارڪار غير طريقي سان هلندڙ ٻن ڪلينڪس کي سيل ڪري ٻن عطائي ڊاڪٽرن اوم پرڪاش مالهي ۽ ڪرمچند بجير کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو.

مختيارڪار مظفر ڇڄڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عطائي ڊاڪٽرن جي حوالي سان شڪايتون مليون هيون، جن تي ڪارروائي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*