ڪراچي ۾ ماتحت عدالتن جي ججز پاران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اپيل تي وڪيل برادري علامتي بک هڙتال

khirpur-court

ڪراچي ۾ ماتحت عدالتن جي ججز پاران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اپيل تي وڪيل برادري علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن سبب ڪيترن ڪيسز جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

ڪراچي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي پاران ماتحت عدالتن ۾ مقرر ججز جي مبينا ناروا سلوڪ خلاف ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي.

وڪيل صبح نائين وڳي کان 11 هين وڳي تائين سٽي ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۽ احتساب عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، جڏهن ته وڪيلن جي غير حاضري سبب ڪيترائي ڪيس التويٰ جو شڪار ٿيا ۽ سائيلن پريشانين کي منهن ڏنو.

وڪيلن جو چوڻ آهي ته علامتي بک هڙتال جو قدم مجبوري ۾ کنيو ويو آهي، جيڪڏهن ماتحت عدالتن جي ججز ۽ عملي رويو درست نه ڪيو ته احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*