خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خاص معاون سردار سورن سنگهه جي قتل ۾ ملوث 6 جوابدارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو

DIG-Malakand-PC&-Jawabdar-P

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خاص معاون سردار سورن سنگهه جي قتل ۾ ملوث 6 جوابدارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو آهي، ڊِي آءِ جـِي مالاڪنڊ آزاد خان چيو آهي ته سردار سورن سنگهه کي  ڪرائي جي قاتل کان مارايو ويو، قتل ۾ پي ٽـِي آءِ جو اڳواڻ بـَلـدَيـوُ ڪمار ملوث آهي ۽ ن ليگ جي اڳواڻ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي مالاڪنڊ آزاد خان چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاران سردار سورن سنگهه جي قتل جي دعويٰ بي بنياد آهي، شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدارن سورن سنگهه کي 10 لک رپين عيوض قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

هـُن چيو ته سردار سورن سنگهه جو قتل سياسي رنجش هئي، تحريڪ انصاف جو ڊسٽرڪٽ ڪونسلر بـَلـديو ڪمار اليڪشن وڙهڻ چاهي پيو ۽ ٽڪيٽ نه ملڻ واري تڪرار تان هن سورن سنگه کي قتل ڪرايو، جنهن لاءِ نواز ليگ جي نائب تعلقي ناظم عالم خان سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو.

ڊي آءِ جي مالاڪنڊ چيو ته پي ٽي آءِ ڊسٽرڪٽ ڪونسلر بلديو ڪمار پنهنجي ويجهي دوست عالم خان جي معاونت سان سردار سورن سنگهه جي قتل جي رٿابندي ڪئي، جنهن لاءِ عالم خان ڪرائي جي قاتل سعيد جان ٽارگيٽ ڏنو هو.

ڊي آءِ جي مالاڪنڊ آزاد خان اهو به ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بلديو ڪمار سورن سنگهه جي قتل لاءِ 7 لک رپيا ڪرائي جي قاتل سعيد جان کي ڏنا، جڏهن ته قتل جي وڌيڪ ٽن سهولتڪارن مختيار، اڪبر علي ۽ بيروز کي هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻا هئا پر ان کان اڳ ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي چيو ته سورن سنگهه جو قتل ان جي پٽن جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

سڪيورٽي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊي آءِ جي مالاڪنڊ آزاد خان چيو ته سورن سنگهه بونير ۾ پاڻ سان سڪيورٽي نه رکندو هو، کيس 2 پوليس اهلڪار رکڻ جو چيو ويو پر ان انڪار ڪيو.

پريس ڪانفرنس دوران پوليس پاران گرفتار ڪيل 6 جوابدارن کي به ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*