پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اڄ نئين دهلي روانو ٿي رهيو آهي

azaz-chudhry

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اڄ نئين دهلي روانو ٿي رهيو آهي، جتي سندس ڀارتي هم منصب ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو امڪان آهي.

هارٽ آف ايشيا استنبول پراسسس جي اعليٰ اختيارين جو ڇهون اجلاس سڀاڻي نئين دهلي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ڪندو.

پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري ڀارتي هم منصب ايس جئي شنڪر سميت ٻين ملڪن جي هم منصبن سان به ملاقات ڪندو.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ هميشه فعال ڪردار ادا ڪيو آهي.

واضح رهي ته پنجين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڀارت پاران پرڏيهي وزير سشما سوراج شرڪت ڪئي هئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*