جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 21هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، قومپرست پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا منعقد ڪرڻ لاءِ 5 اسٽيج تيار

J-M-syed

جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 21هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، قومپرست پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا منعقد ڪرڻ لاءِ 5 اسٽيج تيار ڪيا ويا آهن، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.

سائين جي ايم سيد جي 21هين ورسي جي موقعي تي سن کي سيد جي جهنڊن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي، جتي مختلف شهرن مان قافلا پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.

ورسي جي موقعي تي جسقم بشير خان گروپ، جسقم آريسر گروپ، جيئي سنڌ تحريڪ صفدر سرڪي گروپ، جسمم ۽ سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڌار ڌار جلسن لاءِ اسٽيج تيار ڪيا ويا آهن.

ايس يو پي پاران گذريل رات صوفياڻي راڳ جي محفل به منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صوفي راڳي شفيع فقير، جمن دربدر، سڄڻ سنڌي، مکڻ فقير، فقير سولنگي ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا.

ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف چوراهن کان ٿيندي سيد جي مزار تي پهتي، جتي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*