سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل پوائنٽ بس ڊرائيور کي معطل ڪري ڇڏيو

sindh-uni

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل پوائنٽ بس ڊرائيور کي معطل ڪري ڇڏيو، يونيورسٽي جي حراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪجهه ڏينهن اڳ شاگردياڻي بس ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو هو.

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ پوائنٽ بس جي ڊرائيور حمزه ڀلائي کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد حراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوائنٽ بس جي ڊرائيور 6 ڏينهن اڳ لکت ۾ معافي گهري ورتي هئي، جنهن تي شاگردياڻي کيس معاف ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن موجب گذريل رات هيڪرز سنڌ يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ هيڪ ڪندي انتظاميا کي بس ڊرائيور خلاف ڪارروائي لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني هئي، جنهن تي اڄ ڪارروائي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*