اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي وئي

Supreme

اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار شاهد اوڪرزئي پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.

درخواستگذار موجب آئين سان غداري جو جوابدار پاڪستاني شهري نٿو رهي، ڏيهه ۾ چرچر توڙي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت رڳو پاڪستان شهري لاءِ هوندي آهي، پاڪستان ڪو قيد خانو ناهي جو ٻاهر وڃڻ بنيادي حق بڻجي وڃي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد حڪومت پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*